شو 2

شو (قبيلو)2: ماهرن موجب هيءُ قبيلو سنڌو ماٿريءَ تي آباد قديم قبيلن مان هڪ آهي، جنهن جو ذڪر قديم ڪتاب رگ ويد جي ستين منڊل جي ارڙهين اشلوڪ (گيت) ۾ آيل آهي. هي شو (Sivas) قبيلو سنڌو ماٿريءَ جي پس گردائيءَ واري علائقي ۾ رهندو هو. ٿي سگھي ٿو ته هن قبيلي جا ماڻهو شو ديوتا/ڀڳوان جا پوئلڳ هجن، جنهنڪري ساڍا ٽي هزار سال قبل مسيح هن قبيلي تي اهو نالو پيو هجي، جنهن مان هڪ اندازو به ٿئي ٿو ته ان وقت سنڌو ماٿريءَ جي قديم ديوتا شو جي پوڄا اتر ۽ اوڀر واري حصي، سنڌو درياءَ جي آس پاس ٿيندي هئي. روايتن ۽ قبل از تاريخي لحاظ کان شو پرستي ساڍا ٽي کان چار هزار سال قبل مسيح پهريان واري سنڌ جي قديم تهذيب ۾ ٿيندي هئي. تاريخي لحاظ کان شو قبيلو ٻين قبيلن جي اتحاد ۾ اچي، آرين جي ڀرت (Bharatas) قبيلي وارن ۽ سندن راجا سُوداس (Sudas) جي خلاف پرشني
(Parashni) موجوده راوي درياهه جي ڪناري تي وڙهيو هو. راجا سوداس جو تعلق ڀرت يا ڀارت قبيلي جي ترت سو (Tritsu) گھراڻي سان هو.
ان جنگ ۾ آرين خلاف وڙهندڙ ڏهن اتحادي قبيلن مان پنج قبيلا مشهور آهن. هن ۾ الينا (Alinas) ، پکتاس (Paktas)، ڀالانناس
(Bhalananas)، شوي (Shivas) ۽ وشانن (Vishanins) قبيلا شامل آهن. تحقيقات موجب شو قبيلو سنڌو درياءَ جي آس پاس رهندو هو. اليناس قبيلي وارا ڪافرستان جي اتر اوڀر واري علائقي ۾ رهندا هئا. ڀالانناس قبيلي جا ماڻهو بولان لڪ بلوچستان جي پس گردائيءَ واري علائقي جا رهاڪو هئا. پکٿاس/پکتا قبيلو سرحد ڏانهن رهندڙ هو. راجا سوداس ان علائقي جو حڪمران هو، جنهن کي برهما ورت (Brahmvarsta) به چيو وڃي ٿو. ڪن محققن جو خيال آهي ته برهما ورت موجوده سرحد واري علائقي جو قديم نالو آهي ۽ پرشني درياهه موجوده راوي درياهه جو قديم نالو چيو وڃي ٿو. رگ ويد ۾ هن جنگ بابت احوال پڻ درج آهي، جيڪا راويءَ جي ڪناري تي برپا ٿي هئي. هن جنگ کي ڏهن راجائن جي جنگ به چيو وڃي ٿو. راجا سوداس پنهنجي فوج سان راوي پار اڪريو، جتي اتحادي قبيلن سان سندس جنگ ٿي ۽ هن جنگ ۾ اتحادي قبيلن مات کاڌي. اشتياق انصاري موجب قديم يوناني مصنف ايريان(Arrian) سنڌ جي قديم قبيلي کي سبائي يا سبوئي (Sibai or Siboi) سڏيو آهي. اهو شو قبيلو ئي هو. ايريان لکيو آهي ته ان زماني ۾ اهو قبيلو سنڌو درياءَ ۽ چناب جي وچ واري علائقي ۾ رهندو هو. ڊاڪٽر ڊي. آر پنڊارڪر جي خيال ۾ سبي (Sibi) نالي قبيلو پنجاب ۾ رهندو هو. پنجاب جا ماڻهو لڏي ڏکڻ ۾ ڀارت هليا ويا ۽ پهرين صدي عيسويءَ ۾ اهي راجپوتانا ۾ چنور ڳڙهه جي علائقي ۾ پهچي ويا. انهن جا ڪجھه سڪا چنور ڳڙهه کان ڪجھه مفاصلي تي ناگر (Nagar) مان مليا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو